لنڊن – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار??لح?? ڪاڪڙ چيو آهي ته عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ دوست ملڪن پاران رقم جي فراهمي سميت مثبت اشارن مهانگائي ۾ گهٽتائي، پرڏيهي ناڻي جي ذخ??رن کي مستحڪم ۽ صنعتي ترقي جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، نگران حڪومت جي تازي انتظامي قدمن پاڪستاني رپئي کي آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ مضبوط ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوار??لح?? ڪاڪڙ سان لنڊن جي ڪيپيٽل ۽ فنانشل مارڪيٽ جي سينيئر اڳواڻن پاڪستان هائوس لنڊن ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙن ۾ نمايان سيڙپڪاري ڪندڙ فرمن ۾ فيلڊيلٽي انٽرنيشنل لميٽيڊ (ايف آئي اي??)، ولنگٽن مئنيجمينٽ، اشمور، جيفريز انٽرنيشنل، ريڊويل ڪيپيٽل، سويٽيڪس انڊسٽريل ايس اي، آڪسفورڊ فرنٽيئر ڪيپيٽل، گارنٽڪو، جي پي مورگن، ڪالراڪ ڪيپيٽل ۽ يو بي اي?? (يو ڪي) جا نمائندا شامل هئا. نگران وزيراعظم وفد کي پاڪستان جي موجوده معاشي منظرنامي کان آگاهه ڪندي ٻاهرئين کاتن جي بهتري جي لاءِ حڪومتي قدمن تي روشني وڌي. هن چيو ته تازي انتظامي قدمن پاڪستاني رپئي کي آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ مضبوط ڪيو، استحڪام جي لاءِ اميد کي فروغ ڏنو. هن چيو ته عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ دوست ملڪن پاران رقم جي اچڻ سميت مثبت اشارن مهانگائي ۾ گهٽتائي، مستحڪم ذخ??رن ۽ صنعتي ترقي جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. نگران وزيراعظم پاڪستان جي اهم شعبن ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري جا امڪانن ۽ آءِ اي?? اي?? سان اسٽيڊ بائي ارينجمنٽ جي مثبت اثرن، معيشت ۽ ڪرنسي جي استحڪام تي روشني وڌي. هن چيو ته درآمدات تي پابندين جي خاتمي، زرعي مدد ۽ وچولي مدي جي ناڻي واڌ جي هدفن جي لاءِ مالياتي قدمن کانپوءِ واپار ۾ بهتري آئي آهي، زراعت ۽ صنعت ۾ بهتري آئي آهي، مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آهي. نگران وزيراعظم خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي حوالي سان وفد کي آگاهه ڪندي پاڪستان جي سيڙپڪاري رکندڙ ڪوششن تي روشني وڌي. هن چيو ته ا?? ڪائونسل سان سيڙپڪاري جي عمل لاءِ راهون هموار ٿي رهيون آهن، اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ ڪاروباري منظرنامي کي آسان بڻائي ڊگهي مدي واري ترقي کي فروغ ڏيڻ تي ڪاربند آهيون. برطانوي سيڙپڪارن پاڪستان ۾ آءِ اي?? اي?? پروگرام جي تسلسل ۽ گهٽ ۽ وچولي مدي واري سڌاراجاتي ڪوششن بابت معلومات ورتي. نگران وزيراعظم کين يقين ڏياريو ته پاڪستان ۾ آءِ اي?? اي?? سان معاهدي ۾ ڪيل سڌارا ڪري آءِ اي?? اي?? پروگرام سان وابستگي جو اظهار ڪيو آهي. سيڙپڪارن پاڪستان جي مالياتي ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جا اميد ڀريل موقعا ڳولڻ ۾ پنهنجي گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو جيڪو اقتصادي تعاون کي سگهه ڏيڻ ۾ وڌندڙ گڏيل دلچسپي جي عڪاسي ڪري ٿو.