نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ٻاهرئين سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪرڻ حڪومت جي اولين ت??جي?? آهي، حڪومت جو سمورو ڌيان ڪاروبار دوست ماحول پيدا ڪرڻ تي آهي، حڪومت آمريڪا پاڪستان بزنس ڪائونسل جي تجويزن جي آجيان ڪندي، پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي نظام تي يقين رکون ٿا. هتي ملندڙ پڌرائي موجب نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي يو ايس پاڪستان بزنس ڪائونسل جي وفد سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نگ??ان وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا جي ڪارپوريٽ سيڪٽر کي پاڪستان سان پنه??جي پراڻي ۽ نتيجاخيز لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ طريقي ۽ ذريعن تي غور ڪرڻ گهرجي. نگ??ان وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معيشت جي سمورن شعبن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ حڪومت جي اولين ت??جي?? آهي. حڪومت جو ڌيان ڪاروبار دوست ماحول پيدا ڪرڻ تي آهي. ان سلسلي ۾ سمورين تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي. نگ??ان وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت پرڏيهي سيڙپڪاري جي نظام تي يقين رکي ٿي ۽ ان ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪرڻ، انهن جو اعتماد وڌائن، زراعت، آءِ ٽي، معدنيات، کاڻين جي کوٽائي ۽ توانائي جي ت??جي??ي شعبن ۾ منصوبن تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل جوڙي آهي. نگ??ان وزيراعظم سيڙپڪاري جي لاءِ خاص طور تي زراعت، فارماسيوٽيڪل، صحت سميت مختلف شعبن ۽ ڊيجيٽل بئنڪنگ جي نشاندهي ڪئي جتي آمريڪي ڪمپنيون پاڪستان ۾ پنه??جي سيڙپڪاري کي وڌائي سگهن ٿيون. ڪائونسل جي صدر ايسپيرانزه جيلاليان نگ??ان وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي کيس يقين ڏياريو ته آمريڪا پاڪستان بزنس ڪائونسل پاڪستان حڪومت سان تعاون وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ موقعا ڳولڻ جي لاءِ رابطا جاري رکندي. ان موقعي تي وفد جي ميمبرن نگ??ان وزيراعظم کي پاڪستان ۾ پنه??جي ڪاروبار ۽ پاڪستاني مارڪيٽ ۾ پنه??جي سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي منصوبن بابت آگاهه ڪيو.