اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان مخالف ڌر اڳ??اڻ راجا رياض جي ملاقات دوران نگران وزيراعظم جي نالن تي مشا??رت ڪئي وئي. ملاقات ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ان اهم قومي معاملي تي وڌيڪ غور فڪر کانپوءِ سڀاڻي جمعي ڏينهن ٻيهر مشا??رت ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مخالف ڌر اڳ??اڻ راجا رياض وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آئين جي روشني ۾ مخالف ڌر اڳ??اڻ کي نگران وزيراعظم جي مقرري جي لاءِ مشا??رت جي حوالي سان ملاقات جي دعوت ڏني هئي. ملاقات ۾ وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳ??اڻ جي وچ ۾ نگران وزيراعظم جي نالن تي مشا??رت جو پهريون دور خوشگوار ماحول ۾ ٿيو. ملاقات ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ان اهم قومي معاملن تي وڌيڪ غور فڪر کانپوءِ سڀاڻي جمعي ڏينهن ٻيهر مشا??رت ڪئي ويندي.