اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري آفيسرن تي زور ڏنو آهي ته اهي ملڪ ۾ گڊ گورننس جي ف??وغ ۽ ماڻهن کي خدمتن جي ف??اهمي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا مان آيل سرڪاري آفيسرن تي ٻڌل مڊ ڪيريئر مئنيجمينٽ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن سا?? ڳالهائيندي ڪيو. صدر بيوروڪريسي پاران خدمتن جي ف??اهمي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته بيوروڪريسي ملڪي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ محنت ۽ اخلاص سا?? ڪم ڪري، ملڪي ترقي ۽ ماڻهن کي انصاف جي ف??اهمي لاءِ سرڪاري عملدارن کي وقت سر فيصلا وٺڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي بهتر اخلاق ۽ انڪساري جي قدرن کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستاني بيوروڪريسي کي نظام بهتر بڻائڻ ۽ فڪري صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ موثر فيصلاسازي جي لاءِ آفي??ر پاڻ کي جديد مهارتن سا?? ليس ڪن جڏهن ته عوام جي خدمتن تائين پهچ بهتر بڻائڻ ۽ ادارن جي ڪارڪردگي وڌائڻ جي لاءِ جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي مان فائدو کنيو وڃي. صدر چيو ته سرڪاري عملدار پاڻ کي پنهنجي شعبي جي جديد مهارتن سا?? ليس ڪن ۽ تيز رفت??ر ترقي جي لاءِ ماڻهن جي اميدن موجب خدمتن جي ف??اهمي يقيني بڻائين.