پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??اڪ??تان ۽ چين جي وچ ۾ سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ سگهه ڏيڻ تي ??تفاق ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ڀائيچارو سمورين وضاحتن کان مٿانهون آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سندس چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقات اسان جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن جي روح جي عين موجب هئي، گهڻ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي ??طمينان جو اظهار ڪندي اسان سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي مضبوط ۽ سگهه ڏيڻ تي ??تفاق ڪيو، اسان سي پيڪ جي 10 سالا تقريبون ملهائڻ جو فيصلو پڻ ڪيو، اهو ??اڪ??تان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ هڪ تبديلي جو منصوبو آهي. وزيراعظم چيو ته هن چين پاران ??اڪ??تان جي لاءِ سفارتي ۽ اقتصادي حمايت جاري رکڻ خاص طور تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ گروپ – 20 سياحتي ??جلاس منعقد ڪرڻ جي موقعي تي چين جي اصولي موقف تي وزيراعظم لي چيانگ جا ٿو??ا مڃيا. هن چيو ته ??اڪ??تان ۽ چين جي وچ ۾ مضبوط ڀائيچارو سمورين وضاحتن کان مٿانهون آهي.