اسلام آباد – 20 – جون (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مارگلا ايونيو منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، 10.4 ڪلوميٽر رستو جي ٽي روڊ کان اسلام آباد ايندڙن کي هڪ متب??دل رستو فراهم ڪندو، اهو رستو سنگجاڻي کان سيڪٽر ڊي 12 تائين هوندو، ان منصوبي تي 2 ارب 69 ڪروڙ 91 لک رپيا لاڳت آئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان منصوبي جو باضابطا افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن محمد حنيف عباسي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، انجم عقيل خان ک??نس??اءِ مسلم ليگ (ن) راولپنڊي جا اڳواڻ پڻ موجود هئا. وزيراعظم کي ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌا??و ويو ته ان منصوبي جي شروعات جون 2021ع ۾ ڪئي وئي. ڊسمبر 2022ع ۾ ان جي پيڙهه جو پٿر رک??و ويو، ان منصوبي ۾ شاهه الله ڏتا جي جڳهه تي هڪ انڊر پاس شامل ڪ??و ويو جنهن جي ڪري ان جي لاڳت ۽ پڄاڻي جي مدي ۾ تبديلي آئي، ان رستي سان جي ٽي روڊ سنگجاڻي کان سيڪٽر ڊي 12 تائين جو سفر گهٽ ٿي ڪجهه منٽ جو رهجي ويو، ان جي ڪري سرينگر هاءِ وي تي ٽريفڪ جو وهڪرو گهٽ ٿيو، مقامي ليبر ۽ تعميراتي مواد بابت انڊسٽري کي فروغ مليو، ان رستي سان ان علائقي جا ماڻهو به فائدو کڻندا، ان رستي جي ڀرپاسي سي ڊي اي ??اران وڻڪاري پڻ ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم کي ان منصوبي جو ماڊل پيش ڪ??و ويو.