اسلام آباد_ 16 جون(اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطه بابت وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته سامونڊي طوفا بائپر جوائي ڀارتي گجرات جي سامونڊي پتي سان ٽڪرائجي ويو آهي . پاڪستان مڪمل طور تي تيار هو پر وڏي حد تائين محفوظ رهيو . گ??ريل ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته طوفان سبب سمنڊ جي سطح بلند ٿيڻ سبب سنڌ ?? سجاول سان لاڳاپيل سامونڊي ڪنارن وارا علائقا پاڻي هيٺ آيا آهن پر احتياطي تدبيرن جي طورتي اتان جا ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيا ويا هئا . وفاقي وزير چيو ته زندگيون بچائڻ لاءِ شاندار ۽ مربوط ڪوششون ڪيون ويون جنهن تي سمورن شراڪتدارن جو شڪرايه ادا ڪيون ٿا.