اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ترقياتي منصوبن ۽ مسئلن جي حل جي حوالي سان ب??وچستان عوامي پارٽ?? جا خدشا ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، ان موقعي تي بي اي پي بجيٽ اجل??س ۾ شرڪت جو فيصلو ۽ حڪومت جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ب??وچستان عوامي پارٽي جي وفد سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستان عوامي پارٽي بجيٽ اجل??س ۾ شرڪت جو فيصلو ۽ حڪومت جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ترقياتي منصوبن ۽ مسئلن جي حل جي حوالي سان ب??وچستان عوامي پارٽ?? جا خدشا ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، خالد حسين مگسي، مولانا غفور حيدري، آغا حسن ب??وچ، اسحاق ڊار، احسن اقبال، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، اعظم نذير تارڙ ۽ منظور ڪاڪڙ ڪميٽ?? جا ميمبر هوندا، ڪميٽي ايندڙ هفتي تفصيلي مشاورت کانپوءِ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? ته بلوچستان عوامي پارٽي حڪومت جي اهم اتحادي آهي جنهن حڪومت جي هر فيصلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان مشروط آهي. هن چي?? ته بلوچستان جي ترقي، بلوچستان عوامي پارٽي سان مشاورت ۽ انهن جي راءِ کانسواءِ ممڪن نه آهي. سينيٽ چيئرمين ب??وچستان جي ترقي لاءِ وزيراعظم جي ذاتي دلچسپي ۽ خصوصي قدمن تي ان کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، قومي اسيمبلي ميمبر ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جي پارلياماني ليڊر خالد حسين مگسي ۽ سينيٽر نصيب الله بازئي پڻ شرڪت ڪئي.