اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن جي مالي خودمختياري جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبي ۾ نوڪرين جي ڪ??ٽا ت?? عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي ڪ??ٽا کي ان جي اصل روح موجب لاڳو ڪرڻ گهرجي. ايوان صدر ج?? پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر معذوري جي درجابندي جي فريم ورڪ تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪ??و. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت ۽ پاڪستان حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان جي اٽڪل 12 کان 14 سيڪڙو آبادي ڪ??هن ڪنهن قسم جي معذوري جو شڪار آهي، خصوصي ماڻهن جي خودمختياري جي لاءِ روزگار فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خصوصي ماڻهن جي ڪ??ٽا کي ان جي اصل روح موجب لاڳو ڪرڻ گهرجي، بئنڪ، ڪاروباري ادارا ۽ نجي شعبو خصوصي ماڻ??ن کي نوڪريون ڏي. صدر چيو ته خصوصي ماڻ??ن کي هنر ۽ معذوري جي نوعيت موجب نوڪريون ڏنيون وڃن، پاڪستان ۾ خصوصي ماڻ??ن کي هنر تي ٻڌل تعليم فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته خصوصي ماڻ??ن کي قابل قدر هنر ج?? فراهمي جي لاءِ ڌرين جي وچ ۾ ويجهو رابطو پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، تربيتي ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن کي خصوصي ماڻهن جي تربيت لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن، خصوصي ماڻ??ن کي مناسب نوڪرين جي فراهمي جي لاءِ نجي شعبي جي ممڪن آجرن سان ملائڻ گهرجي. صدر فوري، آسان ۽ پريشاني کان پاڪ انداز ۾ معذوري سرٽيفڪيٽ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته سرٽيفڪيٽ سان خصوصي ماڻ??ن کي مختلف حڪومتي اسڪيمن ۽ س??ول??ن مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت جي عملدارن پاران خصوصي ماڻهن تي بريفنگ پڻ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي وزارتن ۾ معذوري ڪ??ٽا ت?? عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي، خصوصي ماڻهن جي ڪ??ٽا ت?? سرڪاري شعبي ۾ عمل ڪيو پيو وڃي. صدر چيو ته نجي شعبي ۾ ڪوٽا ت?? وڌيڪ عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون جاري آهن، خصوصي ماڻ??ن کي انهن جي معذوري ۽ آجرن جي ضرورتن موجب هنر فراهم ڪرڻ جي پروگرام تي ڪ?? ڪيو پيو وڃي.