ڪراچي – 02 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته موسمي تبديلي?? جي ڪري پاڪستان ۾ هن ڀيري اپريل کان ئي برساتون شروع ٿي ويو?? آهن، امير ملڪ?? جي پيدا ڪيل موسمياتي بحران جو خميازو غريب قومون ڀوڳڻ تي مجبور آهن. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جار?? بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته هن وقت بلوچستان سميت ملڪ جي مختلف علائق?? جي ندي ??الن ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي، گذريل چوماسي دوران ٿيندڙ رڪارڊ برسات?? جي متاثرين جو اڄ به هڪ وڏو انگ مدد جي لاءِ منتظر آهي. هن چيو ته گذريل غيرمعمولي برساتن دوران ٻڏي ويندڙ لکين گهرن ۽ انفراسٽرڪچر جي نئين سر بحالي جو ڪم اڃا به مڪمل ناهي ٿيو. پرڏيهي وزير زور ڏنو ته اين ڊي ايم اي سميت سمورا لاڳاپيل ادارا ۽ عملدار برسات?? جي ڏس ۾ هر وقت چوڪس رهن. هن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي برساتن دوران احتياطي تدبيرون اختيار ڪن ۽ سفر ڪرڻ کان به پاسو ڪن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي هر مصيبت کان بچائي. بلاول ڀٽو زرداري پارٽي ڪارڪن?? جي لاءِ پڻ هدايت جاري ڪندي چيو ته جيالا پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ امدادي ڪم?? جي حوالي سان انتظاميا سان رابطي ۾ رهن. هن بلوچستان، سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ برساتن دوران حادثن ۾ قيمتي جاني?? جي زيان تي ڏک ۽ افسوس ۽ انهن حادثن ۾ پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙ خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي.