اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف بيلاروس سان اقتصادي، زرعي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعليم، ثقافت ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان بيلاروس سان پنهنجي خوشگوار ۽ گ??ڻ رخي ل??ڳا??ن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وز??راعظم آفيس جي پ??يس ونگ موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف سان لاهور ۾ بيلاروس جي پ??ڏيهي وز??ر سرگئي ايلينڪ ملاقات ڪئي. وز??راعظم شهباز شريف بيلاروس جي پ??ڏيهي وز??ر جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وز??ر سرگئي ايلينڪ وز??راعظم کي صدر لوڪا شينڪو جو مبارڪباد وارو پيغام پهچايو جنهن ۾ چيو ويو ت?? بيلاروس پاڪستان کي خطي جو هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ان جي ڪوششن کي ساراهي ٿو. وز??راعظم بيلاروس جي پ??ڏيهي وز??ر کي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کان پڻ آگاهه ڪيو. پاڪستان ۽ بيلاروس جي 2024ع ۾ سفارتي ل??ڳا??ا قائم ٿيڻ جي 30 هين سالگرهه جي ڏس ۾ وز??راعظم مسلسل اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا ۽ ٻين سرگرمين جي آجيان ڪئي. ان سلسلي ۾ هن بيلاروس جي صدر کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.