اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽ??ي جي هڪ لک 85 هزار مستحق خاندانن جي لاءِ اٽي جو ??حفو ڏنو آهي، مستحق خاندان اٽي جو ??حفو (سڀاڻي) ڇنڇر کان حاصل ڪري سگهندا، مستحق ماڻهو مفت اٽو اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ يوٽيلٽ?? اسٽورز جي 40 پوائنٽس تان حاصل ڪري سگهندا، مستحق ماڻهن جي ڊيٽا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان ڳنڍيل هوندي، انتظار جي زحمت کان بچڻ جي لاءِ مستحق ماڻهو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نمبر 8171 تي پنهنجو ??ڃاڻپ ڪارڊ نمبر ??وڪلي اٽو حاصل ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي اهليت جانچي سگهن ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته رمضان المبارڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي مسئلن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، مهانگائي جي دور ۾ حڪومت عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. هن هدايت ڪئي ته اٽي جي فراهمي جي وقت عوام کي ڊگهي قطار جي زحمت کان بچائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن پنهنجي صدارت ۾ رمضان المبارڪ دوران اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽ??ي جي عوام کي ريليف جي فراهمي جي حوالي سان اهم اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رمضان دوران وفاقي حڪومت پاران اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽ??ي جي هڪ لک 85 هزار مستحق خاندانن جي لاءِ اٽي جو ??حفو ڏنو ويندو، اهي خاندان جيڪي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان رجسٽرڊ آهن ۽ جنهن جو پاورٽ?? اسڪور (پي ايم ٽي) 60 يا ان کان گهٽ آهي اهي 18 مارچ 2023ع کان ان سهولت مان فائدو کڻي سگهندا، رجسٽرڊ خاندان هڪ مهيني دوران 30 ڪلو اٽو حاصل ڪري سگهندو، مستحق ماڻهو مفت اٽو اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ يوٽيلٽ?? اسٽورز جي 40 پوائنٽس تان حاصل ڪري سگهندا، مستحق ماڻهو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نمبر 8171 تي پنهنجو ??ڃاڻپ ڪارڊ نمبر ??وڪلي اٽو حاصل ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي اهليت جانچي سگهن ٿا. ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي شڪايت جي لاءِ ٽال فري نم??ر 05590 – 0800 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، قوم?? اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر طارق فضل چوڌري، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين، يوٽيلٽ?? اسٽورز ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.