اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آمريڪا هر قسم جي دهشتگردي جي گڏيل خط??ي کي منهن ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي ڳالهه ٻولهه جي سلسلي ??ي جاري رکڻ ۽ دهشتگردي جي خط??ي بابت بهتر ڄاڻ پيدا ڪرڻ تي ??تف??ق ڪيو آهي. پاڪستان – آمريڪا دهشتگردي جي خاتمي ڊائيلاگ 6، 7 مارچ 2023ع تي اسلام آباد ۾ ٿيو. پاڪستاني و??د جي قيادت پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (يو اين اينڊ اي ڊي) سيد حيدر شاهه ڪئي جڏهن ته آمريڪي و??د جي سربراهي پرڏيهي کاتي جي دهشتگردي جي خاتمي بابت وقتي ڪوآرڊينيٽر ڪرسٽوفر لينڊبرگ ڪري رهيو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻن ڏينهن واري ڳالهه ٻولهه ۾ گهڻ رخي فورمز تي دهشتگردي جي خاتمي تعاون، دهشتگردي جي خاتمي جي علائقائي منظرنامي جو جائزو، سائبر سيڪيورٽي ۽ پرتشدد انتهاپسندي جي خاتمي سميت ڪيترن ئي موضوعن تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ آمريڪي امداد جي منصوبن تي پُڻ غور ويچار ڪيو ويو ۽ خاص طور تي مني لانڊرنگ جي خاتمي ۽ انصاف جي شعبي ۾ صلاحيت وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ٻنهي ڌرين دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي صلاحيت کي وڌائڻ ۾ انهن منصوبن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ڌرين دهشتگردي جي مالي معاونت جي خلاف پنهنجي تجربن جي پڻ مٽاسٽا ڪئي. هنن هر قسم جي دهشتگردي جي گڏيل خط??ي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو. هنن ان ڳالهه ٻولهه جي سلسلي ??ي جاري رکڻ ۽ دهشتگردي جي خط??ي بابت ڄاڻ پيدا ڪرڻ تي پڻ ??تف??ق ڪيو.