اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن کي ڪيريئر ڪائونسلنگ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مع??ور?? جي درجابندي جي لاءِ هڪ معياري ۽ مستقل نظام جوڙڻ گهرجي جنهن سان خصوصي ماڻهن جي ضرورتن جي نشاندهي کانسواءِ انهن کي مناسب مدد ۽ خدمتن جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مع??ور?? جي درجابندي ۽ شدت بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت، صحت واري وزارت، خصوصي ماڻهن جي حقن بابت ڪائونسل جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر خصوصي ماڻهن کي ڪيريئر ڪائونسلنگ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته خصوصي ماڻهن جي مع??ور?? جي نوعيت ۽ شدت ۽ انهن ج?? هنر موجب مناسب نوڪرين طرف رهنمائي ڪئي وڃي. هن چيو ته خصوصي ماڻهن جي رهنمائي جي لاءِ اعليٰ سطح تي هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي ضرورت آهي، ڪميٽي ۾ پرائيويٽ سيڪٽر ۽ ٻين ماهرن کي شامل ڪرڻ گهرجي. مجوز?? ڪميٽي رهنمائي سان گڏوگڏ خصوصي ماڻهن کي انهن جي صل??حيتن ۽ قابليت موجب نوڪرين بابت پڻ ٻڌائي. صدر مع??ور?? جي درجابندي جي هڪ معياري ۽ مستقل نظام جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته مع??ور?? جي درجابندي جي نظام سان خصوصي ماڻهن جي ضرورتن جي نشاندهي کانسواءِ انهن کي مناسب مدد ۽ خدمتن جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. هن چيو ته مع??ور?? جي درجابندي جو نظام تيار ڪرڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالستار مع??ور?? جي درجابندي/ مع??ور?? جي شدت جي فريم ورڪ تي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته خصوصي ماڻهن جي حقن کي فروغ ڏيڻ ۽ انهن جي تحفظ جي لاءِ ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو آهي، ميڊيڪل بورڊ هر مهيني ٻه اجلاس ڪري ٿو، هڪ ڏينهن ۾ اهل ماڻهو کي مع??ور?? سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ٿو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مع??ور?? جي شدت جي ب??ياد تي مع??ور?? جي حد جو تعين ڪرڻ جي لاءِ هڪ فريم ورڪ جي منظوري ڏني وئي آهي، فريم ورڪ کي انساني حقن واري وزارت صحت واري وزارت ۽ خصوصي ماڻهن جي حقن واري ڪائونسل سان گڏجي ڊيزائن ڪيو ويو آهي. منظور ٿيل فريم ورڪ کي رهنمائي جي لاءِ صوبن سان پڻ شيئر ڪيو ويو آهي. صدر انساني حقن واري وزارت ۽ قومي صحت واري وزارت پاران خصوصي ماڻهن جي ڀلائي جي لاءِ ڪيل ڪم کي ساراهيو.