اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٺوس ۽ فعال آءِ ٽي ماحول جوڙڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطحن تي اعليٰ سطح جي عزم جي ضرورت آهي، ح??ومت ملڪ جي پوري تعليمي نظام جو جائزو وٺڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر يانسي سپرول جي قيادت ۾ آءِ ٽي ڪمپني ڊيجيٽل اوشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جي ويزن جو محور ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ واڌويجهه جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ آهي، ويزن ۾ آءِ ٽي شعبي ۾ غيرملڪي ??يڙ??ڪاري مدعو ڪرڻ، ??يڙ??ڪارن کي سهولتون ڏيڻ ۽ نوجوانن جي حوصلا افزائي شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٺوس ۽ فعال آءِ ٽي ماحول جوڙڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطحن تي اعليٰ سطح جي عزم جي ضرورت آهي، صحيح وقت تي صحي?? فيصلا ڪرڻ ۽ پاليسين ۽ فيصلن کي ٽائيم لائين جي بنياد تي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته نوجوانن جي حوصلا افزائي، ??يڙ??ڪاري جي ماحول کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، نوجوانن کي معياري آءِ ٽي مهارتون فراهم ڪري پاڪستان جو آءِ ٽي روانگي واپار بهتر بڻائي سگهجي ٿو،اسان جي نوجوانن جو وڏو انگ اڳ ۾ ئي آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. صدر چيو ته بيوروڪريسي ??يڙ??ڪاري جي مدد ڪري، پنهنجا دروازا کليل رکي، ??يڙ??ڪارن جي آجيان ڪري. هن چيو ته حڪومت ملڪ جي پوري تعليمي نظام جو جائزو وٺڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، گريجوئيٽس کي مارڪيٽ تي ٻڌل علم، ٽيڪنيڪ ۽ هنر فراهم ڪري نظام کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب تبديل ڪيو ويندو. صدر 350 ملين ڊالر ۾ هڪ پاڪستاني آءِ ٽي ڪمپني حاصل ڪري پاڪستان ۾ ??يڙ??ڪاري ڪرڻ تي ڪمپني کي ساراهيو. هن چيو ته ڊيجيٽل اوشن کي نوجوانن کي اعليٰ معيار جي تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن، ڊيجيٽل اوشن جي سي اي او يانسي سپرول صدر کي ڊيجيٽل اوشن، ترقي جي حڪمت عملي، مستقبل جي ??يڙ??ڪاري ۽ ڪراچي ۾ ڪاروباري ڪاٿي کي ٽيڻ تي ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو. وفد خاص طور تي ڌيان جي مستحق سماجي اثرن جي شعبن ۾ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.