اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي سکر ۽ حيدرآباد وين??و. ??زيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم سکر ۽ حيدرآباد ۾ 306 ڪلو ميٽر ڊگهي سکر حيدرآباد موٽروي ايم 6 جي پيڙهه جو پٿر رکندو. سکر حيدرآباد موٽروي پشاور ڪر??چي موٽر وي (پي ڪي ايم) جو آخري حصو آهي جنهن کان پوءِ پاڪست??ن جا سڀئي وڏا ۽ اهم شهر موٽرويز سان ڳنڍجي ويندا. ڄاڻايل منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تحت 30 مهينن جي ننڍي مدي ۾ مڪمل ??يو وين??و. ??زيراعظم پهرين سکر ۽ حيدرآباد ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪندو ۽ خطاب ڪندو.