اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته افغانستان ۾ پاڪستان جي سفارتخاني کي بند ڪرڻ يا ڪابل مان سفارتڪارن کي واپس گهرائڻ ج?? ڪو ارادو نه آهي. ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني تي جمعي ڏينهن ٿيندڙ حملي جي حوالي سان مي??يا جي سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته سفارتخاني کي بند ڪرڻ يا ڪابل مان سفارتڪارن کي واپس گهرائڻ ج?? ڪو منصوبو نه آهي. پاڪستان افغانستان ۾ عبوري حڪومت سان رابطي ۾ آهي ۽ افغانستان ۾ پاڪستاني سفارتي عملي ۽ مشنز جي حفاظت ??ي لاءِ حفاظتي انتظامن ۾ اضافو ڪ??و پيو وڃي.