اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي)صدر ??مل??ت ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي ڪٽنب سان ٽيليفون تي رابطو ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو. سومر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر ??مل??ت شهيد نائيڪ تاج محمد ۽ لانس نائيڪ امتياز احمد جي گهر ڀاتين سان افسوس جو اظهار ڪيو. ٻئي 15 نومبر تي ضلعي باجوڙ جي علائقي هلال خيل جي حملي ۾ شهيد ٿيا. صدر ??مل??ت شهيدن جي والدين سان ڳالهايو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اوهان جي پُٽن جون خدمتون ڪڏهن به وِساري نه سگهبيون، ??وم وطن جي بهادر پُٽن کي خراجِ عقيدت پيش ڪري ٿي. صدر ??مل??ت دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ سندن روح کي ابدي سڪون عطا فرماءِ. هن چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي باقيات جي مڪمل خاتمي تائين اسان جون ڪوششون جاري رهنديون.