اسلام آباد– 14 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته نام نهاد ”حقيقي آزادي“ جو چهرو بي نقاب ٿي وي?? آهي، عمران خان پنهنجي سياسي مفادن جي لاءِ سنگين راند کيڏي، قومي سلامتي کي خطري ۾ وڌو، پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هاڻي چوي ٿو ته آمريڪي سازش واري ڳالهه ختم، ”اڄ امپورٽيڊ“ ۽ ”رجيم چي??ج“ جي ڪوڙن بيانن تان دستبردار ٿي ويو، عمران خان ائين نه هلندو، توهان کي جواب ڏيڻو پوندو. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي فنانشل ٽائيمز کي انٽرويو تي پنهنجي ردعمل ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان کي مخاطب ڪندي چي?? ته عمران خان! آمريڪي سازش جو بيانيو پٺتي وجهڻ سان ڳالهه ختم نه ٿيندي، توهان کي جواب ڏيڻو پوندو، جنهن بيانني تي توهان پوري ملڪ ۾ انتشار ۽ ڪوڙ پکيڙيو، جواب ڏيڻ کانسواءِ رڳو دستبرداري ڪافي نه آهي. هن چي?? ته اڄ رڳو عمران کان سوال نه پر عمران جي ڳالهه تي يقين ڪندڙن ۽ ڪوڙي، ملڪي مفاد سان راند کيڏيندڙ فارن فنڊيڊ فتني جي ڳالهه ٻڌندڙن جي لاءِ به سواليه نشان آهي. هن چي?? ته پارليامينٽ، پاڪ فوج، ادارن کي غدار قرار ڏئي رڳو اهو چئي ڇڏڻ سان ڳالهه ختم نه ٿي ٿئي ته “it’s behind me and its over” ، ائين نه عمران خان! ائين نه آهي. هن چي?? ته عمران خان پنهنجي ڪوڙ جي لاءِ آئي??ي عهدن تان آئين شڪني ڪرائي، عمران خان ملڪ کي ستياناس ڪري اڄ آمريڪي سازش جي بيانيي تان دستبردار ٿي وي?? آهي، ڇا هن پنهنجي حامين کي پاگل ۽ رڍون ٻڪريون سمجهي رکي?? آهي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته عمران خان آمريڪي سازش، امپورٽيڊ حڪومت ۽ رجيم چي??ج جو بيانيو پٺتي ان لاءِ وڌو ڇو ته اهو ڪڏهن موجود ئي نه هو. عمران خان اڄ امپورٽيڊ حڪومت ۽ رجيم چي??ج جي ڪوڙي بيايي تان دستبردار ٿي وي?? آهي. اڄ نام نهاد ”حقيقي آزادي“ جو اصل چهرو مڪمل طور تي بي نقاب ٿي وي?? آهي. هن چي?? ته عمران خان اقتدار جي لاءِ پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن کي سنگين خطرن ۾ وڌو. عمران خان اقتدار جي هوس ۾ ملڪي مفادن سان سنگين راند کيڏي، چالون هليون. اقتدار جي هوس ۾ ملڪ ۽ قوم کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو. قوم کي ڪوڙ سيکاري هاڻي چوي ٿو ته آمريڪي سازش واري ڳالهه ختم؟ سپريم ڪورٽ کي اپيلون ڪندو رهيو ۽ هاڻي آمريڪي سازش واري ڳالهه ختم؟ عمران خان پنهنجي ڪوڙ سان نه رڳو قومي سلامتي کي خطري ۾ وڌو پر پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن کي پڻ تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي. عمران خان پنهنجي سياسي مفادن جي لاءِ ملڪي مفادن سان سنگين راند کيڏي.