اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ??هي ته وزيراعظم محمد شه??از شريف چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان ملاقات ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ??ه وزيراعظم محمد شه??از شريف چيني وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ ۽ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات کانپوءِ چين پاڪستان جي وچ ۾ معاهدن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون جڏهن ته گريٽ هال آف پيپل ۾ کيس گارڊ ??ف آرنر پڻ پيش ڪيو ويو.