اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت وزيراعظم ??ي صلاحڪار قمر الزمان ڪائره چيو آهي، ته پاڪستان ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي موقف تي هميشه قائم آهي ۽ هڪ انچ به پوئتي نه هٽندو، قومون پنهنجي تهوار هميشه هڪ خاص مقصد تحت ملهائينديون آهن ۽ پنهنجي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ صديون ڪوشش ڪنديون آهن، ضروري ن??هي ته فوري طور تي منزل ملي وڃي، ان لاءِ بيشمار قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن، پاڪستان سان ڀارت جي مخالفت اها ئي آهي ته انهن ڪڏهن به پاڪستان جي وجود کي تسليم ن??هي ڪيو، انهن جي دلين ۾ شروع کان ئي نفرت جي باهه ٻري رهي آهي، پوءِ اهو ڪرڪيٽ جو ميدان ئي ڇو نه هجي. اهڙو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز ۾ ”ڪشمير هندوستان متوقع الحاق“ جي موضوع تي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان هميشه ڪشميرين جي موقف کي تسليم ڪيو آهي، جڏهن ته ڪڏهن به ان کي ڪشمير جو مسئلو ن??هي سم??هي??، بلڪه پاڪستان جو مسئلو سم??هي?? آهي، ??ڪو??ت ڀلي ڪنهن جي به هجي، ڪير به اقتدار تي ويٺل هجي، ڪشمير بابت پاڪستان جو موقف هميشه ساڳيو ئي رهيو آهي، ڀارت هميشه ظلم، ڏاڍ ۽ مختلف هٿ ڪنڊن سان ڪشمير جي جاگرافيائي حالتن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.اڄ به ڀارت جي اها پاليسي رهي آهي ته ڪشمير کي عالمي منظر تان هٽايو وڃي جنهن ڪري هو شهريت ۽ ڊوميسائيل جي قانونن ۾ تبديليون ڪري رهيو آهي. صحافي ارشد شريف بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ??ڪو??ت سڀني معاملن تي گهري نظر رکي آهي، ان موقعي تي تقريب کي صدر ڪشمير يوٿ الائنس طاهر مجاهد به خطاب ڪيو.