برلن – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان هن وقت ٻوڏ جي صورتحال ۾ مشڪل ترين حالتن مان گذري رهيو آهي، پاڪستان جو ٽيون حصو ٻوڏ کان متاثر ٿيو آهي، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ پاڪستان ۾ تاريخ جي وڏي تباهي پکيڙي آهي. ج??من?? جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي جرمن هم منصب اينالينا بيرباڪ سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو سڌوسنئون متاثر ٿيا آهن، متاثر ??لا??قن ۾ ٻوڏ واري پ??ڻي سان ڪيتريون ئي بيماريون پکڙجي رهيون آهن. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان کي ماحولياتي تبديلي جي ڪري ان وڏي آفت کي منهن ڏي??و پيو آهي، ماحولياتي تبديلي جي ڪري ٺهندڙ گرين هائوس گئسز ۾ پاڪستان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي. هن چيو ته اسان کي هن ماحولياتي تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عاليم برادري جي مدد گهربل آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته يورپي يونين ۾ ج??من?? پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري پ??رٽنر آهي، پاڪستان ۽ ج??من?? جي وچ ۾ بهترين سفارتي لاڳاپا آهن. هن چيو ته گرمجوش ميزباني تي جرمن هم منصب جو ٿورائتو آهيان، ج??من?? ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جو وڏو انگ آباد آهي، پاڪستاني شاگردن جي لاءِ ج??من?? هڪ بهترين ملڪ آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جرمن هم منصب سان واپار ۽ ??لا??قائي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته افغانستان کي به يوڪرين وانگر عالمي مدد گهرجي. ان موقعي تي ج??من?? جي پ??ڏيهي وزير اينالينا بيرباڪ پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وڌيڪ هڪ ڪروڙ يورو ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ڪيتري تباهي ٿي ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي، ٻوڏ متاثرين خاص طور تي ٻار کليل آسمان هيٺ رهڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته موسمياتي تبديلين سان پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي، ٻوڏ کانپوءِ متاثر ??لا??قن ۾ مليريا پکڙجي رهيو آهي. ج??من?? جي پ??ڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ج??من?? جو اهم ترين واپاري حصيدار آهي، جرمن ڪمپنيون پاڪستان ۾ بنيادي ڍان??ي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن. هن چيو ته ج??من?? پاڪستان سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.