اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ مان امدادي اڏامن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، هيستائين مختلف ملڪن مان 133 اڏامون متاثرين جي لاءِ امدادي س??مان کڻي پ??ڪستان پهچي ويون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري انگن اکرن موجب ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ گڏيل عرب امارات مان هيستائين مجموعي طور تي 41، ترڪيه مان 14، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان 4، فرانس مان هڪ، يو??يس??ف جون 3، گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري (يو اين ايڇ سي آر) جون 14 اڏامون، ترڪمانستان جي هڪ، اردن جي هڪ، خوراڪ جي عالمي اداري جون ٽي، آمريڪا جون 21، برطانيا جي هڪ، نيپال جي هڪ، اومان جون 8، روس، يونان ۽ اٽلي جي هڪ هڪ ۽ سعودي عرب جون 10 اڏامون امدادي س??مان کڻي پ??ڪستان پهچي ويون آهن. انڊونيشيا مان به 2 اڏامون ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ امدادي س??مان کڻي هيستائين پاڪستان آيون آهن. امدادي اڏامن کانسواءِ ايرانمان 100 ٽن امدادي س??مان ٽرڪن ذريعي پ??ڪستان پهتو آهي. ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ ترڪيه پاران ٽي ريل گاڏين ۽ ٻن ٽرڪن تي ٻڌل ??مدادي س??مان پاڪستان موڪ??يو ويو آهي. پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ تاجڪستان مان 87 ٽرڪن ذريعي امدادي س??مان موڪ??يو ويو آهي. گڏيل عرب امارات ۽ اومان مان امدادي س??مان کڻي هڪ هڪ سامونڊي جهاز به پاڪستان پهتا آهن.