اسلام آباد -06 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع ان عظيم قرباني جو هڪ لازوال داستان آهي، جيڪو 1965ع جي جنگ ۾ پاڪ فوج جي جوانن وطنن لاءِ وڙهندي پيش ڪيو. ملڪ جي دفاع ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ا??ارن جيڪي قربانيون پيش ڪيون آهن، تاريخ م ان جو مثال نٿو ملي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر يوم دفاع جي مناسبت سان هڪ ملي نغمو جاري ڪيو آهي، جنهن ک?? ملڪ جي نامياري گلوڪار ساحر علي بگا ڳايو آهي. ملي نغمي ۾ پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ا??ارن جي انهن غازين ۽ شهيد?? کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو آهي، جن ملڪ طرف ميري اک کڻندڙن جو ڀرپور مقابلو ڪيو ۽ وطن جي عزت تي ڪو به داغ لڳائڻ نه ڏنو. نغمي ۾ ان عهد ??ي تجديد ڪئي وئي آهي ته پاڪ فضائيه جو هر فرد پوري قوم سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائ?? ملڪ جي دفاع، ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.