اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شمسي توانائي سان 10 هزار م??گا??اٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبي جي حوالي سان سمورين ڌرين جي ايندڙ هفتي پري بڊ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ش??باز شريف چيو ته سرڪاري عمارت?? ۽ ??يزل تي هلندڙ ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪنداسين، ڊيزل، ڪوئلي ۽ فرنس آئل تي هلندڙ پاور پلانٽس کي مرحليوار منتقل ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته بجلي جو هڪ و??و حصو درامد ٿيل تيل سان پيدا ٿي رهيو آهي جنهن جون قيمتون تازن مهينن ۾ تمام بلند ٿي ويون آهن، اسان جو قومي شمسي توانائي جي قدمن جو مقصد مهانگي بجلي کي سستي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ آهي جنهن سان عوام کي تمام وڏو ريليف ملندو ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جي بچت ٿيندي.