اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻوڏ سٽيل علائقن جو جائزو وٺڻ لاءِ ملڪ گير دورا ڪري رهيو آهي. ايوان صدر ج?? پريس ونگ پاران جاري بيان م??جب صدر اڄ خميس ڏينهن ڏکڻ پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪ??دو. صدر کي ڊيره غازي خان، نصيرآباد ۽ سکر ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻوڏ سٽيل علائقن جو فضائي جائزو وٺندو. صدر رليف ڪئمپن جو دورو ڪ??دو، ٻوڏ سٽيلن سان م??اقات ڪندو. صدر ٻوڏ متاثرين کي سهولتن جي فراهمي ۽ انهن کي درپيش مسئلا ڄاڻڻ جي لاءِ انهن سان م??اقاتون ڪندو. گذريل ڏينهن صدر خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ ڪرڻ واري ڪوششن جو جائزو وٺڻ لاءِ دورو ڪ??و هو. ص??ر قوم ۽ عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرين جي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي. صدر ايندڙ ٻوڏ کان بچاءُ ۽ ٻوڏ متاثرين جي تيز تر بحالي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو هو.