ميرپور – 04 – آگسٽ (اي پي پي) آزاد ڪشمير حڪومت جي اپيل تي 5 آگسٽ ڪشمير استحصال ڏهاڙو ميرپور ضلعي سم??ت سڄي آزاد ڄمون ڪشمير ۾ ڀرپور طريقي ۽ ان وچن جي تجديد ??ان ملهايو ويندو ته جيستائين والاريل رياست ڄمون ۽ ڪشمير ڀارت جي غاصباڻي قبضي کان آزاد ٿي پاڪستن جو حصو نه ٿو بڻجي وڃي ڪشميري پنهنجي آزادي جي جدوجهد جاري رکندا. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ضلعي ڪچهري کان 5 آگسٽ جمعي ڏينهن صبح 10 وڳي احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي جنهن ۾ سياسي، سماجي ۽ مذهبي پارٽين جا مقامي نمائندا، وڪيل، واپاري تنظيمون، صحافي، سرڪاري رسالا ۽ غيرسرڪاري ملازم ۽ سول سوسائٽي جا ماڻهو شرڪت ڪندا.