اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم آفيس پهچي ذميداريون باضابطه انجام ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون، وزيراعظم شهباز شريف مقرر آفيس وقت شروع ٿيڻ کان اڳ ئي صبح 8 وڳي آ??يس پهچي ويو، جڏهن ته رمضان المبارڪ ۾ سرڪاري وقت موجب آفيسون صبح 10 وڳي کلنديون آهن، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف هفتي ۾ ٻن ڏينهن بدران هڪ ڏينهن موڪل جي ??دا??ت ڪئي آ??ي، جڏهن ته سرڪاري آ??يسن جي وقت ۾ تبديلي ڪندي آ??يسون 10 وڳي بدران 8 وڳي کولڻ جي ??دا??ت ڪئي آ??ي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف جي آ??يس سنڀاليندي ئي عوام کي رليف جي فراهمي جي انهن جي اعلانن تي عملدرآمد جو آغاز شروع ٿي ويو آهي، وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڪيل پنهنجي اعلانن تي عملدرآمد جا حڪم جاري ڪيا، هن ??دا??ت ڪئي ته رمضان المبارڪ دوران سستي بازارن ۾ معياري ۽ سستي اگهن تي شين جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، هن رمضان بازارن جي سخت مانيٽرنگ يقيني بڻائڻ جي به ??دا??ت ڪئي. وزيراعظم خبردار ڪيو ته عوام کي سستي شين جي فراهمي ۾ غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، هن پينشرن جي پينشن ۾ اضافي، گهٽ کان گهٽ پگهار 25 هزار ڪرڻ جي اعلانن تي فوري طور عملدرآمد جو حڪم به جاري ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف سان وزيراعظم آفيس جي آ??يسرن ۽ عملي ملاقاتون ڪيون، وزيراعظم انهن کي ??دا??ت ڪئي ته هو هوشيار ٿي وڃن اسان عوام جي خدمت لاءِ آيا آهيون، هڪ لمحو به ضايع ڪرڻ کانسواءِ عوام جي خدمت ڪنداسين، هن چيو ته ايمانداري، شفافيت، اڻٿڪ محنت اسان جا رهنما اصول آهن.