اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) پرڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پوري دنيا اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ تي متفق ٿي چڪي آهي، او آءِ سي اجلاس ۾ سئو کان وڌيڪ قرارد??دو?? بحث هيٺ اينديون، ڪشمير مسئلي تي دنيا جو ڌيان ڇڪرائينداسين. هو پرڏي??ي وزارت ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ او آءِ سي پرڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جو سرڪاري ترانو جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. پرڏي??ي وزير چيو ته پاڪستان ڪجهه مهينن ۾ ٻيون ڀيرو مسلمان امت جي ميزباني ڪري رهيو آهي جيڪا اعزاز جي ڳالهه آهي. هي اجلاس ان لاءِ به منفرد آهي جو اهو پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد ٿي رهيو آهي. هن چيو ته او آءِ سي جا پرڏي??ي وزير 23 مارچ تي پريڊ ۾ شريڪ ٿيندا. پرڏيهي مهمان اسان جي ثقافت ۽ ان ڏينهن جيڪو قومي يڪج??تي جو مظاهرو ٿي رهيو آهي، ان جو مشاهدو ڪندا. پرڏي??ي وزير چيو ته او آءِ سي اجلاس جي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جون تمام گهڻيون ڪوششون آهن. هن چيو ته اجلاس اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن مسلمان امت کي فلسطين ۽ ڪشمير مسئلي سميت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن جڏهن ته ڪشمير ۽ فلسطين جا مسئلا ??ڳ کان وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويا آهن. افغانستان ۾ به انساني بحران جاري آهي. انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو ملندو. هن چيو ته ڪشمير مسئلي تي دنيا جو ڌيان ڇڪرائينداسين. او آءِ سي پرڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي لاءِ جاري ڪيل تراني کي ناليواري گلوڪار علي ظفر ڳايو ۽ ٻيهر ٺاهيو آهي ۽ وڊيو الڪريم بيگ تيار ڪئي آهي.