اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آئُون موسم خ??اب هجڻ جي ڪري ڪرم ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٿيندڙ جلسي ۾ شريڪ نه ٿي سگهيس، آئُون جلد موقعو ملڻ تي ڪرم جو دورو ڪندس. ڪرم ۾ عام جلسي ۾ موسم جي خرابي سبب دورو ملتوي ڪرڻ کانپ??ءِ جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته آئُون ڪرم جي ماڻهن کان معذرت چاهيان ٿو، آئُون هيلي ڪاپٽر ۾ سو??ر ٿي چڪو هئس پر اسان جي پائليٽ ٻڌايو ته موسم اهڙي آهي جو هيلي ڪاپٽر اتي وڃي نٿو سگهي، جابلو علائقو آهي ۽ تيز هوا به هلي رهي آهي، ان لاءِ هيلي ڪاپٽر نٿو وڃي سگهي، ان لاءِ آئون تو??ان کان معذرت خواه آهيان ته آئون جلسي ۾ شريڪ نه ٿي سگهيس پر آئون تو??ان کي چوڻ چاهيان ٿو ته تو??ان کي بلدياتي چونڊن ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻي آهي، مون کي جڏهن به موقعو مليو ته آئون تو??ان وٽ ايندس ۽ تو??ان سان ڳالهيون ڪندس.