اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ هائوس هن وقت هارس ٽريڊنگ جو مرڪز بڻيل آهي، جن??ن قسم جي آئين کان مٿانهين خريد ۽ وڪري جون منڊيون لڳل آهن ان جي خلاف مضبوط ايڪشن کڻنداسين. پي ٽي وي سان ڳالهائيندي وفاقي ??زير چيو ته سنڌ هائوس تمام گهڻو پئسو منتقل ڪرڻ جا اطلاع آهن، سنڌ هائوس ۾ ماڻهن کي رکڻ لاءِ صوبي کان پوليس به گهرائي وئي آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزير چيو ته هن وقت سنڌ هائوس هارس ٽريڊنگ جو مرڪز بڻيل آهي ۽ اهڙي طرح جون سرگرميون آئين جي خلاف آهن، هن چيو ته اسان و??ي محنت سان ان طرح جي قدمن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ورتو هو پر بدقسمتي سان مخالف ڌر هارس ٽريڊنگ شروع ڪري رکي آهي، حڪومت ان جي خلاف مضبوط ايڪشن جي منصوبابندي ڪري رهي آهي.