اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي، ايوان صدر جي جامع مسجد مان ”اسلامو فوبيا جي عالمي ڏي??هن“ جي موضوع تي خطبو ڏنو ويو، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز جمعي جو خطبو ڏنو، هن چيو ته مسلمانن سدائين علم کي فروغ ڏنو آ??ي، خطيب ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي ايندڙ نسلن جي لاءِ بهتر معاشرو ۽ ماحول ڇڏڻو آ??ي. هن چيو ته گڏيل قومن ۾ اسلامو فوبيا جي حوالي سان قرارداد منظور ڪئي وئي ??هي جنهن جي منظوري ۾ سمورن اسلامي ملڪن اهم ڪردار ادا ڪيو آ??ي، ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته مسلمانن سدائين هر معاشري جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو، وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي سان پوري انسانيت جي بهتر ممڪن بڻائي ??گهجي ٿي، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آ??ي، جمعي نماز جي موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي.