اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت آرٽيڪل A-63 جي ت??ريح لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 186 تحت ريفرنس فائل ڪرڻ جي فيصلو ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ کان راءِ گهري ويندي ته جڏهن هڪ پارٽي جا ميمبر واضح طور تي هارس ٽريڊنگ ۾ ملوث هجن ۽ پئسن جي بدلي وفاداريون تبديل ڪن ته انهن جي ووٽ جي قانوني حيثيت ڪهڙي آهي؟ چوڌري فواد حسين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اهڙا ميمبر جيڪي پنهنجون وفاداريون مع??شي مفادن جي ڪري ت??ديل ڪن انهن جي نااهلي ت??حيات هوندي يا کين ٻيهر چونڊ وڙهڻ جي اجازت هوندي؟ سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪئي ويندي ته ان ريفرنس کي روزاني جي بنياد تي ٻڌو وڃي.