يي شن/ شوڪت چانڊيو
بيجنگ ونٽر ??ول??پڪس جي افتتاحي تقريب ۾ دنيا جي پرڏيهي شخصيتن سان گڏوگڏ پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان جي شرڪت سندس ان اسپورٽس مين جو مظاهرو هو جنهن ۾ هو سياست ۾ اچڻ کان اڳ ۾ سڃاڻپ رکي ٿو. جڏهن ته سندس بيجنگ گيمز ۾ نه رڳو وڏيون اميدون هيون پر اهو ٻن ملڪن پاڪستان ۽ چائنا جي رشتي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ به اهم هو. سندس چين جو دورو راندين سان گڏوگڏ ٻن ملڪن جي وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پڻ اهم حيثيت رکي ٿو. پاڪستان ۾ ونٽر راندين جي لاءِ ماڻهو وڏو جذبو رکن ٿا ۽ انهن وٽ وڏن جبلن تي گريٽ اسڪيئنگ سلوب پڻ آهن. چائنا قراقرم هاءِ وي ٺاهي اترين علائقن کي ملڪ جي ٻين علائقن سان ڳنڍيو آهي ۽ اهو اترين علائقن ۾ سياري جي راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پڻ اهم آهي. جڏهن ته پاڪستان جي ٽيم پڻ بيجنگ ونٽر ??ول??پڪس ۾ حصو ورتو ۽ ايلٿليٽ محمد ڪريم سليلوم ايونٽ ۾ شرڪت ڪئي. ??ول??پڪس گيمز 2022ع ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ ۽ طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جو سبب بڻيو.
اسان جي دنيا يقينن هڪ خوبصورت جاءِ آهي جتي هر هڪ ايٿليٽس ٻئي کان ڪجهه نه ڪجهه سکي ٿو. اسان راندين دوران اسپورٽس مين شپ جي جذبي کي ڏسي تمام گهڻو خوشي محسوس ڪئي جتي سڀني رانديگرن توڙي عوام جوش ۽ جذبي سان مزو ماڻيو ۽ هر لمحي کي انجوائي ڪيو ۽ ان راندين سان ملڪن جي وچ ۾ ڪجهه سچ به سامهون آيا، معاشي طور تي، ملٽري طور تي، ٽيڪنالاجي طور تي جيڪي ملڪ مضبوط ناهن اهي پڻ راندين جي ميدان ۾ گهڻو ڪجهه اڳتي آهن. هي گلوبل??ئي??يشن جو دور آهي ۽ ملڪ انساني همدردي جي بنياد تي پڻ هڪ ٻئي سان ڳنڍجڻ ۽ اڳتي وڌڻ چاهين ٿا. پاڪستان ۽ چائنا سدائين ان ڏس ۾ خوبصورت مثال قائم ڪيا آهن. ان کان هٽي ڪري ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخ، ثقافت ۽ قومي سطح تي پڻ ڪيترو ئي فرق آهي، ٻه ملڪ هجڻ جي باوجود انهن سدائين اڀرندڙ چئلينجن کي گڏجي منهن ڏنو آهي. سڄي دنيا مان ايٿيليٽس گڏجي هڪ ٻئي کي سمجهڻ، عزت ۽ دوستي کي هٿي وٺرائڻ جو موقعو فراهم ڪيو. جڏهن جاپان جي مشهور اسڪيٽر يزورو هن يو جيڪو ٻه دفعا ??ول??پڪس چيمپيئن آهي اهو پڻ موجود هو جيڪو فور اي جي سطح جي پرفارمنس ۾ ناڪام ويو پر اهو پڻ ٻين جي ??ام??اب?? تي تاڙيون وڄائيندو رهيو. دنيا ۾ پکڙيل عالمي وبا جي باوجود بيجنگ ونٽر گيمز شيڊيول موجب ٿيون ۽ سڄي دنيا هڪ جڳهه تي گڏ ٿي جيڪو هڪ تاريخي موقعو آهي. آرگن??ئي??نگ ڪميٽي ايتري وڏي سطح تي ايتريون وڏيون رانديون ڪرائڻ ۾ ??ام??اب نه ٿئي ها جيڪڏهن ان ۾ سڄي دنيا جون ٽيمون حصو نه وٺن ها. آءِ او سي، ورلڊ هيلٿ آرگن??ئي??يشن ۽ ٻيون عالمي سطح جون تنظيمون ساٿ نه ڏين ها. آءِ او سي صدر جي حيثيت سان ٿامس بيچ چيو ته اهو اسان جي لاءِ تمام ضروري آهي ته اسان هڪ ئي وقت تي پرامن ۽ عزتدار طريقي سان گڏجي رهون. اهڙو پيغام دنيا جو ڪو به سياستدان ۽ ڊيسيشن ميڪر نه ٿو ڏئي سگهي.
بيجنگ ونٽر گيمز جي پڄاڻ?? تي توهان ??ول??پڪس راندين جي حيثيت کي سون، چاندي ۽ پتل جي تمغن سان ڪڏهن به ڪٿ نه ٿا ڪري سگهو ڇو ته اهي رانديگرن جي وچ ۾ ڀائيچاري کي هٿي وٺرائين ٿا، جيڪي بيجنگ جي ڌرت?? تي گڏ ٿيا ۽ اسان انهن جي کليل دل ۽ گرمجوشي سان آجيان ڪئي. جڏهن ته ان کان اڳ ۾ بيجنگ گيمز جي شروعاتي تقريب ۾ ڪجهه پاڪستاني شاگردن هڪ شارٽ وڊيو ٺاهي جيڪا بيجنگ 2022ع جي ??ام??ابي جي نشاني هئي، اهو ته صرف ونٽر ??ول??پڪس راندين جو هڪ ننڍڙو مثال آهي، اسان هن ڳتيل دنيا ۾ چاهيون ٿا ته ان ۾ همدردي جو وڌيڪ جذبو پيدا ٿئي جيئن چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ آهي جيئن اسان انسان ذات جي بهتري لاءِ بهتر مستقبل جوڙي سگهون. (اي پي پي سنڌي سروس جي ٿورن سان)