اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن کي بااختيار بڻائڻ کي معاشي ترقي ۾ اهم قرار ??ين??ي چيو آهي ته معاشري جي وڏي ذميداري هوندي آهي ته اها انهن جي مختلف شعبن ۾ حصيداري يقيني بڻائڻ لاءِ محفوظ ماحول فراهم ڪري. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن ”اڄ صنفي برابري سڀاڻي پائيداريت“ جي موضوع تي ??قريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان تقريب جو ??هتمام يونائيٽيڊ نيشن وومن، گڏيل قومن جي آبادي فنڊ، يورپي يونين، يو ڪي ايڊ ۽ ڪينيڊا حڪومت جي تعاون سان ڪيو ويو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي حضرت محمد ﷺ جي گهرواريءَ حضرت خديجه جو واپاري طور حوالو ??ين??ي چيو ته پاڪستان سميت ڪٿي به عورتن جي ڪاروبار ڪرڻ تي ڪا به پابندي نه آهي. هن چيو ته عورتون انٽرپيرينور تي ??ور ڏنو ته اهي جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻن ۽ عالمي منڊي ڳولين. هن ع??امي جاين تي ??ورتن جي آزادي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو ته جيئن اهي سٺي طريقي سان ۽ ڪنهن سماجي دٻاءُ کانسواءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي سگهن. هن ع??رتن کي مالياتي ۽ ڊيجيٽل طور تي ??ااختيار بڻائڻ لاءِ پروگرام، عورتن جي وراثتي ??قن جي قانون ۾ ترميم، عصمت دري ۽ خودڪشي جي واقعن بابت قانوني حڪمت عملي سميت عورتن کي بااخيتار بڻائڻ لاءِ قدمن تي ??طمينان ظاهر ڪيو. هن چيو ته هن وقت بئنڪون ع??رتن کي مالي طور تي ??ودمختيار بڻائڻ لاءِ قرض فراهم ڪري رهيون آهن. حراسگي ۽ استحصال جي ڪيسن تي ??ابطو آڻڻ جي حوالي سان هن چيو ته گواهن جي پيش نه ٿيڻ بابت عدالتن جا تازا فيصلا اهم آهن، ڇو ته انهن جي پيش نه ٿيڻ سان ڏوهارين کي فائدو ٿئي ٿو. صدر چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح عورتن جي حقن جو ??ظيم علمبردار هو، هن سدائين ع??رتن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي حمايت ڪئي، ڇو ته اهي آبادي جي اڌ حصي کان وڌيڪ آهن. انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته عورتن جو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد انهن جي ترقي جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ ۽ انهن کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ کي عملي شڪل ڏيڻ آهي. صدر عارف علوي ۽ سندس گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي ان موقعي تي هٿ جي هنر جي اسٽالن جو ??ورو به ڪيو.