اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ??ه گلگت بلتستان ۾ سياحت جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي، حڪومت ع??لمي سياحت ۽ ونٽر راندين جي فروغ لاءِ قدم کڻي رهي ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومتي ق??من جي ڪري گذريل ٽن سالن ۾ مقامي سياحت کي فروغ مليو آهي. حڪومت گلگت بلتستان ۾ سياحن کي عالمي معيار جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي ??هي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وزير شوڪت فياض ترين ۽ سياحت بابت خاص مددگار اعظم جميل به م??جود هئا. ملاقات ۾ گلگت بلتستان ۾ سياحت جي فروغ لاءِ منصوبن ۽ گلگت بلتستان ويزن 2050ع تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.