اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مصر خطي جو هڪ اهم ملڪ ۽ ان جو استحڪام ۽ ترقي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي، اها ڳالهه هن پاڪس??ان ۾ مقرر مصري سفير طارق دهرواگ سان ڳالهائيندي چئي. جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻ?? ملاقات ڪئي. شاهه محمود قريشي چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته مصر جو ص??ر عبدالفتح السيسي جي قابل قيادت ۾ سياسي استحڪام ۽ سلامتي طرف گامزن آهي، ٻنهي ملڪن جي عوام گڏيل عقيدي ۽ هڪجهڙي ثقافتي وابستگي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن، پرڏيهي وزير چيو ته ٻئي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي موقف ۾ هڪجهڙائي خوش آئنده آهي منهنجو گذريل سال مصر جي دوري دوران صدر السيسي ۽ پرڏيهي وزير سامع شڪري سان تمام فائديمند ملاقاتون ٿيون. هن چيو ته پاڪس??ان مصري پرڏيهي وزير سامع حسن شڪري جي پاڪس??ان جي دوري ۽ اسلام آبا?? ۾ ??وٿي?? گڏيل وزارتي ڪميشن (جي ايم سي) جي جلد انعقاد جو منتظر آهي. مصري سفير پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي پاڪس??ان ۽ مصر جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڏياري.