اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) ??و آءِ سي جي پرڏيهي وز??رن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي انتظامن جو حتمي جائزو وٺڻ لاءِ پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس پرڏيهي وزارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، پرڏيهي وزارت جي ترجمان عاصم افتخار ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. پي آءِ او سهيل علي خان، ايڪسٽرنل پبلسٽي جي ڊائريڪٽر جنرل عنبيرن جان، اي پي پي جي ايم ڊي مبشر حسن سميت، اطلاعات واري وزارت جا سينئر آفيسر به اجلاس ۾ موجود هئا. پرڏيهي وز??ر کي او اءِ سي جي پرڏيهي وز??ر ڪائنسل جي غير معمولي اجلاس جي انتظاميه جي مختلف رخن جي حوالي سان مفصل بريفنگ ڏني وئي. پرڏيهي وز??ر انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي انهن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ خصوصي هدايتون ڏنيون. پرڏيهي وز??ر چيو ته پاڪستان 41 سالن کانپوءِ ??و آءِ سي جي پرڏيهي وز??رن جي ڪائونسل جي افغانستان بابت غير معمولي اجلاس جي ميزباني ڪرڻي وڃي رهيو آهي، هن چيو ته ان اجلاس جي ذريعي افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۽ افغانستان جي امن ۽ استحڪام جي حوالي سان مفتقه لائحه عمل طئي ڪرڻ لاءِ غور جو هڪ سنهري موقعو ميسر ايندو.