اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? پاڪ??تا?? موسمياتي تبديلي جي مسئلي جو حصو نه آهي پر ان جي حل جو حصو بڻجڻ چاهي ٿو، آلودگي ت?? ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڊگهي مدي واري پائيدار شهري صفائي جي منصوبي جي ضرورت آهي، ايندڙ نسل کي صاف سٿرو مستقبل فراهم ڪرڻ جي ذميواري موجوده نسل تي آهي، اسان کي پنهنجي جبلن کان وٺي سمنڊ تائين سنڌو درياءَ جي طاس جي حفاظت ڪرڻ گهرجي، حياتياتي ت??وع جو نقصان ٻيلن جي واڍيءَ ۽ ٻيلن جي زمين تي قبضن جي ڪري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي بابت ڪميٽي جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي ب??يف??گ ۾ ٻڌايو ويو ته فضائي آلودگي جا مسئلا نومبر کان شروع ٿيا جيڪو خشڪ ترين مهينو هو جنهن پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن کي متاثر ڪيو. وڌيڪ اهو ته سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزين پاڪ??تا?? ۾ سنڌو درياءَ جي طاس جي حياتياتي ت??وع ک?? بري طرح متاثر ڪيو آهي. وزيراعظم شهري علائقن جي لاءِ فوري ڊگهي مدي واري منصوبابندي ت?? زور ڏنو جتي ماحولياتي مسئلا بشمول گر??ن ڪور جو نقصان، سيوريج ٽريٽمينٽ، سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ ۽ فضائي آلودگي جي فوري حل جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي ايندڙ نسلن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ موسمياتي تبديلين سان موافقت جي قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومتن ڪلين اينڊ گر??ن پاڪ??تا?? جا قدم اسان جي نوجوانن کي ذهن ۾ رکندي شروع ڪيو هو ۽ اهو ته صاف سٿرو مستقبل فراهم ڪرڻ جي ذميواري موجوده نسل جي ڪلهن تي آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ت?? ماحولياتي آلودگي جي عالمي ذريعن ۾ پاڪ??تا?? جو حصو نه هجڻ ج?? برابر آهي پر موسمياتي تبديلي جا اثر پاڪ??تا?? تي ت??ام وڌيڪ آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪ??تا?? مسئلي جو حصو نه آهي پر اسان ان جي حل جو حصو بڻجڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم موسمياتي لحاظ کان مواقق مستقبل جي لاءِ سنڌ طاس جي ماحولياتي بحالي جي تصوراتي منصوبي جي اصولي منظوري ڏني. تصوراتي منصوبي ۾ تحفظ ۽ آلودگي ت?? ضابطو آڻڻ جا قدم شامل آهن جيڪي سنڌو درياءَ جي طاس جي اوپري ڌاري، سنڌ جي ميداني ۽ هيٺئين طرف وهڪري ۾ کنيا ويندا. منظوري ۽ عملدرآمد جي لاءِ هڪ تفصيلي منصوبو 4 مهينن جي اندر مڪمل ڪيو ويندو ۽ موجوده قدمن کي ٺوس بڻائڻ ۽ خال کي ڀرڻ جي لاءِ نوان قدم تيار ڪرڻ جي لاءِ ويزن ۽ ايڪشن بيسڊ فريم ورڪ فراهم ڪندو. اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ پاران نيچر پاليسي بيسڊ بجٽري سپورٽ جي تصور جي تجويز جي پڻ منظوري ڏني وئي جيڪا ملڪ ۾ ترقياتي منصوبن جي لاءِ جديد گر??ن فنانسنگ کي ت??ز ڪندي. ان کان اڳ وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري خاص معاون ملڪ امين اسلم تازو ئي گلاسڪو ۾ منعقد ڪانفرنس آف پارٽيز (سي او پي) 26 ۾ پاڪ??تا?? جي شرڪت بابت اجلاس کي ب??يف??گ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عالم?? برادري پاڪ??تا?? جي 10 بلين ٽري سونامي پروگرام ۽ ماحولياتي تحفظ جي ٻين سمورن پروگرامن کي ساراهيو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته رڳو 8 نمائندن تي ٻڌل پاڪ??تا??ي وفد 25 ضمني ت??ريبن ۾ شرڪت ڪئي، 50 کان وڌيڪ ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون ۽ سي او پي 26 دوران ترقي يافته ملڪن سان ڪيترين ئي مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون. اجلاس ۾ سنڌو درياءَ جي طاس تي موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن بابت تفصيلي ب??يف??گ پڻ ڏني وئي. ٻڌايو ويو ته سنڌو درياءَ جي طاس تي پوندڙ منفي اثرن ۾ فصلن جي پيداوار ۾ گهٽتائي، پاڻي جي کوٽ گر?? ۽ خشڪ موسم، سخت ٻوڏ ۽ ملڪ ۾ حياتياتي ت??وع جو نقصان شامل آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن عمر ايوب خان، محمد حماد اظهر، فواد احمد، سيد فخر امام، چوڌري مونس الاهي، خاص معاون ملڪ امين اسلم، ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، گلگلت بلت??تا?? جي وڏي وزير خالد خورشيد، مملڪتي وزير زرتاج گل، سينيٽر فيصل جاويد، موسمياتي تبديلي سنڌ واري وزير محمد اسماعيل راهو، گڏيل قومن ۽ ورلڊ بئنڪ جي سينيئر نمائندن ۽ سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.