اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پ??ڪس??ان آسٽريا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن خميس ڏينهن نيويارڪ ۾ گ??يل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي آسٽريا جي هم منصب اليگزينڊر شيلن برگ سان ملاقات دوران چئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ گ??يل دلچسپي جي ڊگهي مدي واري شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پ??ڪس??ان آسٽريا کي يورپي يونين جو هڪ اهم ميمبر سمجهي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ماحوليات، صحت ۽ تجديد قابل توانائي، آبي ??سي??ن، زراعت، سياحت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان پ??ڪس??ان ۽ آسٽريا جي وچ ۾ اڳ ئي ٻطرفي سياسي مشاورتي اجلاس جي جلد انعقاد جا خواهشمند آهيون، پ??ڪس??ان ۾ سيڪيورٽي جي بهتر صورتحال ۽ ڪاروباري سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان پ??ڪس??ان جي عالمي درجا بندي ۾ بهتري سان پ??ڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جي امڪانن ۾ اضافو ٿيو آهي، آسٽرين ڪاروباري ماڻهو ۽ ڪمپنيون، اسان جي حڪومت جي ”ڪاروباري دوست پاليسين“ مان فائدو وٺندي پ??ڪس??ان ۾ سيڙپڪاري ڪري بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿا. پرڏيهي وزير آسٽرين هم منصب کي پ??ڪس??ان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو.