اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽن ڏينهن جي دوري تي استنبول پهچي ويو آهي. استنبول جي گورنر علي يرلڪايا، اعليٰ ترڪ عملدارن ۽ ترڪي ۾ پاڪستان جي سفير سائرس قاضي اتاترڪ ايئرپورٽ تي صدر جو استقبال ڪيو.
صدر جي آمد تي ترڪ هٿياربند فوج جي دستي پاران کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. صدر ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي 14 کان 16 آگسٽ تائين تر??ي جو دورو ڪري رهيو آهي. پنهنجي قيام دوران صدر تر??ي جي صدر سان ملاقات ڪندو.
ٻئي صدر پاڪستان نيوي لا??ِ ترڪي پاران تيار ڪيل پهرئين ملجم ڪلاس ڪوريٽ جو افتتاح به ڪندو. ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جي فروغ لا??ِ صدر مشهور ترڪ واپارين سان ملاقاتون به ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا قائم آهن ۽ صدر جو تر??ي جو دورو ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو.