اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??اڪ??تان پنهنجي 74 سالن جي سفر دوران ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏنو پر اسان پنهنجي محنت، قربانين ۽ گڏيل تعاون سان انهن چئلينجن مان سرخرو ٿياسين، ملڪ جي معاشي انگن اکرن ۾ بهتري اچڻ جا اثر عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، اسان ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي تي ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ور??اي??ن ٿا، اڄوڪي ڏينهن قوم وچن ڪندي ته اسان قا??داعظم جي نظرين تي عمل ڪندي ??اڪ??تان جي اتحاد ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪنداسين.
??اڪ??تان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته مون ??اڪ??تان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي پرمسرت موقعي تي پنهنجي وطن واسين جي خوشي ۾ برابر جو شريڪ آهيان، اهو ڏينهن اسان کي باباءِ قوم قا??داعظم محمد علي جناح ۽ تحريڪ ??اڪ??تان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن، جنهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار ملڪ ٺاهيو، کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته پنهنجي 74 سالن واري سفر دوران ??اڪ??تان ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏنو، پر اسان پنهنجي محنت، قربانين ۽ قوم جي تعاون سان انهن چئلينجن مان سرخرو ٿياسين، ??اڪ??تاني قوم هڪ ذهين ۽ بهادر قوم آهي ۽ مختلف شعبن ۾ اسان جون نمايان ڪاميابيون اسان کي ٻين قومن کان مشهور ڪن ٿيون،
صدر چيو ته دنيا کي ان ڳالهه جي تعريف ڪرڻي پوندي ته ??اڪ??تان انفرادي طور تي دهشتگردي جي خلاف ڊگهي جنگ وڙهي ۽ آخر ڪار ان لعنت کي شڪست ڏني. اهڙي طرح ??اڪ??تان جو جوهري طاقت بڻجڻ به هڪ وڏي ڪاميابي آهي ۽ اسان جي جوهري صلاحيتن ملڪ جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي. صدر عارف علوي چيو ته اها ڳالهه به قا??ل ذڪر آهي ته ??اڪ??تان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، ان کانسواءِ ڪورونا وبا جي خلاف ??اڪ??تان جي موثر قدمن کي به عالمي سطح تي ساراهيو ويو، ڪورونا وبا جي خلاف ان عظيم ڪاميابي تي آئون ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪس، عالم سڳورن، ميڊيا، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر، سيڪيورٽي فورسز ۽ پوري قوم کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.
هن چيو ته اسان جي معاشي انگن اکرن ۾ بهتري اچڻ جا اثر عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، انهن ڪاميابين جي باوجود ??اڪ??تان کي هاڻي به سماجي ۽ معاشي محاذن تي مختلف چئلينجز درپيش آهن. انهن چئلينجز ۾ وڌندڙ آبادي، صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي کوٽ، ذهني ۽ جسماني واڌ ويجهه ۾ گهٽتائي، غذائي کوٽ ۽ ٻيون بيماريون شآمل آهن، صدر چيو ته اها هڪ حوصلي واري ڳالهه آهي ته حڪومت قرضن ۽ هنر جي فراهمي جي ذريعي عورتن ۽ معذور ماڻهن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ قدم کنيا آهن، وڌيڪ حڪومت معاشري جي ڪمزور طبقن کي تعليم، صحت ۽ مالي امداد جي فراهمي لاءِ ”احساس پروگرام“ تحت سماجي ڀلائي جا مختلف منصوبا شروع ڪيا آهن. تنهن هوندي به اسان کي خصوصي ماڻهن جي سهولت، ڀلائي ۽ ترقي ۽ وراثت ۾ عورتن جي حقن جي فراهمي يقيني بڻائن لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي،
صدر چيو ته هن آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان ڪشمير تڪرار تي ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ور??اي??ن آهن، آئون پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي خاطري ڪرايان ٿو ته ??اڪ??تان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ان جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين انهن سان گڏ بيٺل رهندو. آئون بين الاقوامي برادري کي اپيل ڪريان ٿو ته اهو ڀارت کي مجبور ڪري ته هو ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪسمير جي بي گناهه مسلمانن جي خلاف انساني حقن جون خلاف ورزيون ??ند ڪري ۽ ڪشميرين کي انهن جو خودمختياري وارو حق ڏيڻ جو واعدو پورو ڪري، صدر عارف علوي چيو ته اچو ته اسان وچن ڪريون ته قا??داعظم محمد علي جناح جي نظرين تي عمل ڪنداسين ۽ ??اڪ??تان جي اتحاد ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪنداسين.