اسلام آباد – 08 فيبروري (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڻ سڌي ٽيڪس جو بار سڀ کان وڌيڪ غريب طبقن تي پوندو آهي، اڻ سڌي ٽيڪس جو بار گهٽ ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي، غريب ۽ وچولي طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ معاشي ??يم کا??ڻ پيئڻ جي درآمدي شين تي لاڳو ٽيڪسن ۾ به گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪري. سومر ڏينهن اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي حڪومتي معاشي ??يم جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بنيادي ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ عام ماڻهن کي رليف فراهم ڪرڻ جي حوالي سان امڪاني قدمن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اسد عمر، مخدوم خسرو بختيار، صلاحڪارن عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عشرت حسين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊ??ڪٽر رضا باقر، خاص مددگار ڊ??ڪٽر وقار مسعود، نديم بابر، تابش گوهر ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.