اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) کي نجڪاري جي فهرست مان ڪڍڻ جي لاءِ نجڪاري ڊويزن کي خط لکي ڇڏيو آهي، پي ٽي وي جي ري اسٽرڪچرنگ ڪندڙ ڪمپني جلد پنهنجي رپور?? پيش ڪندي، پي ٽي وي جو نئون بورڊ به ايندڙ هفتي جوڙيو ويندو. صحافين کي ب??يف??گ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم جي ادارن ۾ سڌارن واري پروگرام تحت مختلف ادارن کي نجڪاري جي فهرست ۾ وڌو ويو جڏهن پي ٽي وي جي نجڪاري جي چٺي ملي ته ان جو جواب مو??ليو ته پي ٽي وي جي نجڪاري ناهي ڪرڻي ان کي فهرست مان ڪڍيو وڃي.