اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان قطر جي سفير شيخ سعود بن ع??دالرحمان الثاني ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي تعاون ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان سمورن شعبن ۾ قطر سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪ?? ڪرڻ جو خواهشمند آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت ملڪ ۾ معياري تعليم جي فروغ تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، سمورن ٻارن کي معياري تعليم حاصل ڪرڻ جا برابر موقعا فراه?? ڪرڻ جي لاءِ هڪجهڙي قومي نصاب ترب??ت ڏيڻ اسان جو مقصد آهي.