صوابي – 09 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر صوابي ۾ وڻڪاري ??هم جو افتتاح ڪيو. گجو خان ۾ پنس (پائن) جو هڪ ٻوٽو لڳائڻ کانپوءِ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ٽائيگر فورس جي مدد ??ان پوري ملڪ ۾ جاري وڻڪاري ??هم جي ڪاميابي جي لاءِ دعا ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ان موقعي تي گجو خان ۾ تقريب کي خط??ب ڪندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته هر شخص کي هڪ وڻ لڳائڻ گهرجي جيڪو نه رڳو رسول ڪريم ??ه جي سنت آهي پر ماحوليات جي لاءِ هڪ مثبت قدم آهي. هن چيو ته ا??ان کي گڏيل طور تي پاڪستان کي صاف سٿرو ۽ سبز پاڪستان بڻائڻ جي خواب کي پورو ڪرڻو آهي. اسپيڪر پوري پاڪستاني قوم کي اپيل ڪئي ته اها ان ??هم کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ اڳتي وڌي ۽ ان ??هم ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.