اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ وا??ار??ل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني، غاصباڻي ۽ هڪطرفي قدم جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اها قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ آف پاڪستان وا??ار??ل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران وا??ار??ل ڄمون ۽ ڪشمير جي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪيل غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪرڻ کي ورجائي ٿو جنهن جو مقصد ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي غيرانساني قبضي کي برقرار رکڻ آهي. هي ايوان زور ڏي ٿو ته ڀارت جو غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، ٻطرفن معاهدن ۽ ??ال??ي قانونن جي کليل خلاف ورزي آهي. هي ايوان ڀارتي حڪمران پارٽي بي جي پي پاران ڪوويڊ 19 جي ??ال??ي وبا جو فائدو کڻندي وا??ار??ل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ نئون ڊوميسائيل قانون متعارف ڪرائڻ جي ??ذم?? ڪري ٿو جنهن جو مقصد هندوتوا جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائيندي خطي جي ڊيموگرافڪ اسٽرڪچر کي غيرقانوني طور تي تبديل ڪرڻ آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت جي واحد مسلمان اڪثريتي علائقي جي مسلمانن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڀارتي جو غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، ٻطرفن معاهدن ۽ ??ال??ي قانونن بشمول چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي کليل خلاف ورزي آهي. قرارداد ۾ ڀارت جي هٿياربند فوج پاران ڪشميري نو??وانن کي جعلي مقابلن، ڇاپن ۽ تلاشين ۾ عدالت کان مٿانهون قتل ڪرڻ ۽ سينيئر ڪشميري اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺڻ ۽ قيد ڪرڻ جي قدمن جي پڻ سخت ??ذم?? ڪئي وئي آهي.