اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت گهٽايو بابت خاص مدد??ار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت مستحقين کي ادائيگي هڪ جامع نظام تحت جاري آهي، احساس پروگرام ۾ جيڪڏهن ڪنهن ذمي??ار جي خلاف شڪايت مليون ته ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ڇو ته سماجي تحفظ جي ان پروگرام ۾ شفافيت اسان جي اولين ترجيح آهي، صوابي ضلعي ۾ ادائيگي مرڪز جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي ته ڪمزور طبقي کي مٿي کنيو وڃي ۽ کين سهولتون فراهم ڪيون وڃن ان سلسلي ۾ احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جاري ڪيو ويو، ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت مستحقين کي ادائيگي هڪ جامع نظام تحت جاري آهي، احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام کي شفاف انداز ۾ هلايو پيو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن مستحق جو حق ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جي خلاف ايف آءِ آر ??اخل ڪري قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.