اسلام آباد – 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چي?? آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، بازارن ۾ احتياطي تدبيرون اختيار نه پيون ڪيون وڃن. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ظفر مرزا چي?? ته پاڪستاني شايد سمجهي رهيا آهن ته ڪورونا وائرس رڳو عيد تائين هو، جيڪڏهن اسان احتياطي تدبيرون اختيار نه ڪيون ته تمام وڏو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. هن چي?? ته پاڪستان مان ڪورونا وائرس ڪڏهن ختم ٿيندو ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو، جيڪڏهن اسان احتياطي تدبيرون اختيار نه ڪيون ته تمام وڏو سانحو پيدا ٿي سگهي ٿو.