اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ??يو آهي ته حڪومتي اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم پاڪستان سان اڄ وفاقي وزير اسد عمر جي قيادت ۾ حڪومتي وفد ملاقات ڪئي، عوام جي اميدن ۽ وزيراعظم جي ترجيحن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي، ايم ڪيو ايم وزيراعظم جي ويزن 2020ع جو حصو رهندي، وزيراعظم ڪراچي جي لاءِ 162 ??رب جو پئڪيج ??ئي چڪو آه??، راڻا ثناءُ الله پنهنجي ڪيس کي سياسي رنگ ڏيڻ جي لاءِ پورو ز??ر لڳائي رهيو آه??، خاص عدالت جو قيام ڪابينا جي منظوري کانسواءِ نواز شريف ڪيو، لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز مشرف ڪيس ۾ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻايو، اليڪشن ڪميشن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ سياسي پارٽين ۾ اتفاق راءِ ضروري آه??. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن ??يو ته اڄ حڪومتي اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم سان وفاقي وزير اسد عمر جي قيادت ۾ حڪومتي وفد تفصيلي ملاقات ڪئي.